آصف زرداري جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ جي خبر تي شيري رحمان جي وضاحت

آصف زرداري جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ جي خبر تي شيري رحمان جي وضاحت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)موسميات واري وفاقي وزير شيري رحمان پ پ صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت وضاحت ڪري ڇڏي آهي.واضح رهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان آصف علي زرداري سان منسوب ايڪسري ۽ ڪوڙي خبر گردش ڪري رهي آهي.ان خبر ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته آصف علي زرداري کي ڦڦڙن جو ڪينسر آهي ۽ هو ان ڪينسر جي چوٿين اسٽيج تي بيٺو آهي.شيري رحمان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٽوئيٽر تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت گردش ڪندڙ افواهن جي ترديد ڪئي آهي.هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته آصف علي زرداري جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي غلط ۽ من گھڙت خبرون ڦهلجي رهيون آهن، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ايڪسري آصف علي زرداري جي ناهي، آصف علي زرداري علاج هيٺ آهي ۽ آصف زرداري جي دعائن سان. قوم ۽ ڪارڪنن، هو جلد صحتياب ٿيندو ۽ اسان جي وچ ۾ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو