ميلبورين(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) کيڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب پيٽ ڪمنز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم سان آءِ پي ايل جا آخري 3 سيزن کيڏيا پر هن سال وڌيڪ انٽرنيشنل ميچن سبب ليگ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.آسٽريليا جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پيغام جاري ڪندي لکيو ته مون ايندڙ سال آءِ پي ايل نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايندڙ 12 مهينا ٽيسٽ ۽ ون ڊي ميچن سان ڀرپور آهن.پيٽ ڪمنز وڌيڪ لکيو ته هو ايشز سيريز ۽ ورلڊ ڪپ کان اڳ آرام ڪندو.آسٽريلوي رانديگر آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز کي به پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽن مطابق پيٽ ڪمنز جو ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز سان 3 ملين آسٽريلين ڊالرن جو معاهدو هو.










