آزادي ۽ امن شهيدن جي بي مثال قربانين جو ثمر آهي: آرمي چيف

آزادي ۽ امن شهيدن جي بي مثال قربانين جو ثمر آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته آزادي ۽ امن شهيدن جي بي مثال قربانين جو ثمر آهي. يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن مادر وطن جي دفاع لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم جي علامت آهي. آرمي چيف چيو ته قوم اسان جي هيروز کي سلام پيش ڪري ٿي.ٻئي طرف پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي.نيول چيف چيو ته اڄوڪو ڏينهن دشمن جي جارحيت خلاف پاڪستاني قوم جي بي مثال اتحاد ۽ عزم جي ياد ڏياريندڙ آهي، ان ڏينهن پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ دشمن جي جارحيت کي شڪست ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو