آزادي مارچ، ڳالهين لاءِ ڪاميٽي قائم، ڳالهيون استعيفيٰ بعد ٿينديون،مولانا

آزادي مارچ، ڳالهين لاءِ ڪاميٽي قائم، ڳالهيون استعيفيٰ بعد ٿينديون،مولانا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان آزادي مارچ ۽ احتجاج بابت مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ ان جو سربراهه هوندو ۽ ٽي ٻيا ميمبر هو پاڻ مقرر ڪندو. ڪاميٽي جي يو آءِ جي قيادت سان ڳالهائي وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندي. اهڙو فيصلو وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪاميٽي جي  اجلاس ۾ ڪيو ويو. ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کيس ڪاميٽي جي ڪا به خبر ناهي حڪومت سان ڳالهيون وزيراعظم جي استعيفيٰ بعد ٿينديون. بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي هٽائڻ جي معاملي تي هو فصل الرحمان سان گڏ آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته هو ملڪ ۾ نيون چونڊون چاهين ٿا. ان کان اڳ وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڪور ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورت حال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جيو نيوز موجب وزيراعظم چيو ته جي يو آءِ سان سياسي رستو ڳولڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي. ڪاميٽي ۾ چئن ئي صوبن مان پارٽي اڳواڻ شامل ڪيا ويندا. ڪاميٽي جي ميمبرن جي نالن لاءِ رات جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو.ڪاميٽي اپوزيشن جي ٻين جماعتن سان به رابطو ڪندي. ذريعن موجب ته وزير اعظم ڪور ڪاميٽي کي ايران ۽ سعودي عرب جي دوري تي اعتماد ۾ ورتو. وزير اعظم عمران خان جو معيشت جي حوالي سان چوڻ هو ته ملڪي معيشت مشڪل حالتن مان ٻاهر نڪري چڪي آهي، تمام جلد معاشي مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ياد رهي ته جميعت علماءُ اسلام (ف) پاران حڪومت جي خلاف 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جو ڏينهن ملهائڻ بعد قافلا آزادي مارچ شروع ڪندا ۽ 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا. حڪومت جي ڪوشش آهي ته اسلام آباد ۾ قافلا داخل نه ٿين ۽ جيڪڏهن اچن به ته ڌرڻو نه هڻن ۽ جلسو ڪري واپس هليا وڃن. هوڏانهن حڪومتي هدايتن تي اسلام آباد پوليس مارچ ۽ ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ ريهرسل پن ڪئي جنهن ۾ ڳوڙها گيس جا شيل اڇلائڻ، پٿر بازي کان بچاءَ، واٽر ڪينن هڻڻ ۽ ان بابت مشينري چيڪ ڪرڻ وغيره شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو