لاهور(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عمران خان اسيمبلي ڇڏي ويو ته 567 سيٽون خالي ٿي وينديون ۽ چونڊون اپريل ۾ ٿينديون.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ شيخ رشيد لکيو ته مان ڪابينا جي اجلاس ۾ چوندو هو ته اسيمبليون ٽوڙيو ۽ چونڊون ڪرايون، ٽڪراءَ بدران چونڊن جي شرط تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.ڪالهه اڱاري ڏينهن پي ٽي آءِ جي اجلاس ۾ شيخ رشيد چيو ته پنجاب جي لاچار پوليس فيض آباد ۾ اسٽيج نه لڳائي سگهي، گهرو وزير ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، عوام جو سمنڊ چونڊن لاءِ ريفرنڊم هو.پي ٽي آءِ سينيٽر جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي شيخ رشيد چيو ته اعظم سواتي جي گرفتاري حڪومت جي سازش آهي جيڪا اليڪشن کان ڊڄي ٿي، 77 وزير عوام ۾ نٿا وڃي سگهن ۽ گهرن ۾ نظربند آهن. اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته تباهه ٿيل معيشت ۽ سنگين سياسي بحران قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي، اسان جي جنگ چورن سان آهي، چوکيدارن سان نه.










