سکر(امداد علي ڪلوڙ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد سيشن ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الله پاڪ جو شڪرگذار آهيان آزاد ٿيڻ تي خوشي ٿي آهي. جي اهڙي طرح انصاف ٿيندو رهيو ته ملڪ کي ترقي جي رستي تي هلڻ تان ڪير به نه ٿو روڪي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته جي آئي ٽي سميت هر اداري سان تعاون ڪندو رهندس ڇو ته 32 سالن جي سياسي زندگي متاثر ٿي آهي سڀ حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن هاڻي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي.










