آرو پلانٽ جي ملازمن کي انصاف نه مليو،پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاج

آرو پلانٽ جي ملازمن کي انصاف نه مليو،پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاج

مٺي (ن سنڌيار)ٿرپارڪر م آروپلانٽ جي ملازمن سان انصاف نه ٿيو گذريل 21 مھينن کان پگھارون نه مليون جڏھن ته آروپلانٽ جي 13ڪروڙ بجيٽ ھوندي به ملازمن کي عيد جھڙي خوشي جي موقعي تي پگھارون جاري نه ٿيون آھن ملازم سخت پريشان حال آھن گھرن م بک ۽ بدحالي واري صورت حال کان سوائي ڪجھ بهي نہ آھي جڏھن ته ھي آروپلانٽ جا ملازم 24ڪلاڪ آروپلانٽ تي ڊيوٽي ڪرڻ باوجوده به پگھارن لا۽ روڊن تي دربدر آھن پگھارون نه پيون ڏنيون ٻئي پاسي اوسلو ڪمپني جو جو ٺيڪو به ختم ٿي ويو اوسلو ڪمپني ٿر م ڪنھن به آروپلانٽ جو ڪم نه ڪيو سڀ آروپلانٽ غيرفعال بڻيل آھن ڪروڙين رپيا ڪمپني ڳڙڪائي وئي ڪير پڇڻ وارو ناھي جڏھن ته آروپلانٽ جي آپريٽر عرفان جميل خدابخش ڪوير ۽ ٻين آپريٽرن دانھيندي CMسنڌ مراد علي شاھ بلاول ڀٽو صاحب ۽ ٿر جي چونڊيل نمائندن کي ھٿ ٻڌي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جون رھيل پگھارون جلد جاري ڪري مستقبل لا۽ پڪو ڪيو وڃي ٺيڪيدار نظام ختم ڪيو وڃي ٿر م غير فعال آروپلانٽ جلد بحال ڪري ڏنا وڃن ته جيئن ٿر جي عوام مٺي ۽ صاف پاڻي کان محروم نه رھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو