راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته آرمي چيف ايڪسٽينشن نه وٺڻ جو اعلان ڪري تمام گهڻا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن. گري لسٽ مان نڪرڻ جو ڪريڊٽ عمران خان جي حڪومت ۽ سمورن ادارن ڏانهن وڃي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي نااهلي جو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي هڪ پيشي جي مار آهي.راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته 5 مان 2 ججز فيصلي تي راضي نه هئا ان لاءِ هڪ کي بيمار ڪيو ويو.اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ۽ غير آئيني هو جيڪو سپريم ڪورٽ چيلينج ڪنداسين. هن چيو ته اڃان راند شروع نه ٿي آهي اڃان ته ٽريلر شروع ٿيو آهي عمران خان جڏهن مارچ جو سڏ ڏيندو پوءِ هنن کي خبر پوندي. جيلن مان ڀڄندڙ عمران خان کي جيل ۾ وجهڻ چاهين ٿا.شيخ رشيد چيو ته آرمي چيف ايڪسٽينشن نه وٺڻ جو اعلان ڪري تمام گهڻا مسئلا حل ڪري ڇڏيا. راولپنڊي سان فاصلا ضرور آهن پر لاڳاپا خراب نه آهن. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيو اسان ڪي پي ڪي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته رات جو ساڍي 12 وڳي منهنجي گهر مٿان چڙهائي ڪئي وئي. ان وقت مان لال حويلي هئس. چونڊن جي تاريخ جو فيصلو چوڪ چوراهي تي ٿيندو يا ميز تي پر 30 نومبر کان پهريان ٿيندو.










