آرمي چيف جي يواين سيڪريٽري جنرل جي فوجي صلاحڪار سان ملاقات

آرمي چيف جي يواين سيڪريٽري جنرل جي فوجي صلاحڪار سان ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران گڏيل قومن جي فوجي صلاحڪار جي سيڪريٽري جنرل بيرام ڊيوپ (سينيگال) سان ملاقات ڪئي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ملڪ ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر چيو ته ان موقعي تي آرمي چيف گڏيل قومن جي بنيادي قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ بحران دوران ان جي ردعمل ۾ گڏيل قومن جي فوجي صلاحڪار جي آفيس جي ڪردار کي ساراهيو.آءِ ايس پي آر موجب گڏيل قومن جي فوجي صلاحڪار موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي تي ڏک جو اظهار ڪيو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشن کاتي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته گڏيل قومن جي فوجي صلاحڪار ٻوڏ متاثرن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر جو اهو به چوڻ آهي ته جنرل بيرام ڊيوپ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ دهشتگردي خلاف غير معمولي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو