آرمي ايڪٽ ۾ ترميم، حڪومت اپوزيشن کي راضي ڪري ورتو

آرمي ايڪٽ ۾ ترميم، حڪومت اپوزيشن کي راضي ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آرمي چيف جي ملازمت ۾ مدي واري واڌ بابت قانون سازي لاءِ اپوزيشن جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ سندن حمات حاصل ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون. بلاول ڀٽو چيو ته قانون سازي جيتري اهم آهي اوتري اهم جموهري عمل به آهي ان ڪري رولز معطل ڪرڻ بدران قاعدن ۽ قانون موجب ڪاروائي ڪندي ترميم ڪئي وڃي. پرويز خٽڪ، قاسم سوري ۽ علي محمد خان تي مشتمل حڪومتي ٽيم زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، سيد نيئر بخاري، شازيه مري ۽ ٻيا موجود هئا. ان کان اڳ پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ٽيم مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. جنهن بعد لنڊن قيادت پاران سگنل ملڻ بعد خميس تي ٿيل پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) غير مشروط طور تي حڪومتي بل جي حمايت جو فيصلو ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مشاهد الله خان حمايت جي فيصلي جي تصديق ڪئي. هن چيو ته آرمي قومي ادارو آهي ۽ ان جي سربراهه جي مدت کي تڪراري نٿا بڻائڻ چاهيون. ان کان اڳ آرمي چيف جي ملازمت واري مدي متعلق قانون سازي جي سلسلي ۾ قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، پرويز خٽڪ، شفقت محمود، شبلي فراز ۽ اعظم سواتي تي مشتمل حڪومتي وفد اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ ويا جتي هنن خواجه آصف، اياز صادق ۽ رانا تنوير سميت ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ کين تجويز ڪيل ترميمي بل جي ڪاپي ڏني.

جنهن ۾ آرمي ايڪٽ ۾ آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مدت ملازمت 3 سال مقرر ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي مشوري سان صدر ان جي مدت ۾ 3 سال واڌ ڪري سگهندو. ذريعن مطابق حڪومتي وفد مسلم ليگ ن سان آرمي چيف جي ملازمت ۾ مدي واڌ واري قانون سازي تي حمايت ڪرڻ جي درخواست ڪئي. جنهن کان پوءِ حڪومتي وفد ليگي اڳواڻن سان ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اپوزيشن سان رابطا جاري آهن ۽ مثبت جواب مليو آهي. نون ليگ کان پوءِ ٻين اپوزيشن پارٽين سان به رابطا ڪنداسين. هن چيو ته اميد آهي ته شام تائين مشاورت مڪمل ڪري وٺنداسين ۽ مشاورت بعد بل جمعي تي پارليامينٽ ۾ آندو ويندو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 28 نومبر تي آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ 6 مهينن جي مشروط اجازت سان ڏيندي پارليامينٽ کي ان حوالي سان قانون سازي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو