راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جي آمريڪي دوري بابت بي بنياد خبرون اچڻ کانپوءِ پاڪ فوج جو ردعمل سامهون اچي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير برطانيا جي دوري تي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي آمريڪي دوري بابت هلندڙ خبرون بي بنياد آهن، سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جي آمريڪي دوري جي حوالي سان بي بنياد افواهه پکيڙيا پيا وڃن. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پنج فيبروري کان ڏهه فيبروري تائين برطانيا جي دوري تي آهي، آرمي چيف پاڪ برطانيا استحڪام ڪانفرنس جي سلسلي ۾ برطانيا جو دورو ڪري رهيو آهي










