ميرپورماٿيلو(ن س) آراو پلانٽ جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي فقير محمد، گلزا، گل حسن ميراڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته 2012 کان گهوٽڪي ضلعي ۾ 14 آر او پلانٽ عادلپور، قادرپور، چنگلاڻي، خانڳڙه، خانپور مهر، فتح پور، جروار، لوهي پل، ڳوٺ صاحب خان لنڊ، غازي دڙي، ميرخان وسير۽ ٻيا لڳل آهن جنهن تي اسان ڊيوٽي ڪري رهيا آھيون. پهريان هر هڪ آر او پلانٽ تي 2 ملازم مقرر ٿيل هئا ۽ هاڻي انهن کي هٽائي هڪ هڪ ملازم رکيو اٿن جيڪا زيادتي آهي. هنن چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ 14 ملازم آھيون ۽ اسان کي 8 مهينن کان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي سي گهوٽڪي کي پگهارون جاري ڪرڻ جو پڻ چيو آهي پر هن مهل تائين ڪجهه به ناهي ٿيو ۽ اسان فاڪه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جون رهيل پگهارون ڏنيون وڃن تي جيئن اسان ۾ پيل بيچيني ختم ٿي سگهي.










