ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي مومينٽ پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي وزير احسن اقبال کي سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري تي خط لکيو آهي جڏهن ته وفاقي وزير احسن اقبال کي لکيل خط جي ڪاپي وزيراعظم شهبازشريف کي به اماڻي وئي آهي خط ۾ صحيح آدمشماري لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن ۽ خاص طور تي سنڌ جي شهري علائقن ۽ ڪراچي ۾ آدمشماري تي اعتراص ختم ڪيا وڃن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي لکيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آدمشماري ۾ اڻ ترديد جوڳا ثبوت موجود آهن انهن جعلي انگن اکرن سان سنڌ جي شهري علائقن جي پاڪستانين کي سندن سياسي ۽ معاشي حقن کان محروم ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کان پوءِ آدمشماري تحقيق ۽ تصديق ۽ درستگي لاءِ وقت رکيو وڃي خالد مقبول صديقي گهر ڪئي ته ملڪ ۾ آدمشماري جي انگن اکرن جي ٽيڪنالوجي جي استعمال جي ذريعي ٻيهر تصديق ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن انگن اکرن کي درست نه ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم سميت سول سوسائٽي اسٽيڪ هولڊرز ڪراچي ۽ حيدرآباد جو عوام هن آدمشماري جي نتيجن کي تسليم نه ڪندو.










