ڄام خان شورو سان گڏيل قومن جي وفد جي ملاقات

ڄام خان شورو سان گڏيل قومن جي وفد جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ اينڊ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي صورتحال، پاڻي جي بحران ۽ ان جا زرعي شعبي تي پوندڙ اثر، موسمياتي تبديلي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي دستيابي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قدرتي وسيلن جي کوٽ ۽ انهن جي تحفظ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي درپيش موجوده مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو گڏيل قومن جي وفد کي سنڌ صوبي جي آبپاشي نظام، پاڻي جي مختلف مسئلن، انڊس ڊيلٽا ۽ ٻين مسئلن بابت بريفنگ ڏني. آبپاشي واري صوبائي وزير وفد کي ٻڌايو ته سنڌ صوبو پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ماڳ تي انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌ صوبو مختلف ماحولياتي تبديلين جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم هيٺان گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهيو آهي. جنهن سبب زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿي رهيو آهي. ڄام خان شورو چيو ته سنڌو درياهه صوبي جي معاشي لائف لائين آهي ۽ موسمياتي تبديلين سبب دنيا جو هي ستين نمبر تي وڏو ڊيلٽا تيزي سان سمنڊ هيٺ اچي رهيو آهي ۽ 22 لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي سمنڊ ۾ ٻڏي وئي آهي. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ريذيڊنٽ ۽ انساني همدردي جي ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس چيو ته اسان پوري دنيا ۾ دريائن جي انتظام ۽ ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي مدد فراهم ڪندا آهيون. هن سنڌو درياهه جي بيسن جي بهتر انتظام، پاڻي جي پهچ ۾ بهتري ۽ ان جي استعمال ۽ معاشي ترقي لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چيو ته گڏيل قومن جي پائيدار ترقي واري فريم ورڪ 27-2023 تحت، اسان پائيدار ترقي جي مقصدن کي لاڳو ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته هو پنهنجي گڏيل قومن جي ٽيم سان گڏ سکر، حيدرآباد، ٺٽو، بدين ۽ سنڌ صوبي جي ٻين مختلف علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ صوبي جي عوام جي معاشي ۽ ثقافتي صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ صوبي ۾ گڏيل قومن جي جاري ترقياتي منصوبن جو معائنو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته هو سکر بئراج ۽ حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي تاريخي ماڳن جو دورو ڪندو ته جيئن سنڌ صوبي جي مختلف ثقافتي ۽ روايتي پهلوئن کان واقفيت حاصل ڪري سگھجي. ان موقعي تي سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو جولين هارنيس ۽ ان جي وفد جي ڊاڪٽر آفتاب ڀٽي ۽ عمران لغاري کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو