صالح پٽ (ن سنڌيار) صالح پٽ جي آبادگارن جو بااثر ٺيڪيدار خلاف احتجاج واھ ۾ پھريان ئي پاڻي نٿو اچي ويتربااثر واھ جي غير قانوني 3کان 4فوٽ تري کان ھيٺ کاٽي ڪرائي رھيو آھي:-مظاھرين بااثر غير قانوني طريقي سان واھ جي ٽيل موري بہ ڊاھي ختم ڪري ڇڏي آهي :- مظاھرين خبر موجب:- صالح پٽ جي ڳوٺاڻن سائين ڏنو مھر ، ضمير حسين مھر ،غلام شبير مھر ،قلندر بخش ڀيو، الاھي بخش ڀيو، جانب چاچڙ ، حاجي قادر بخش مھر ، حاجي ڪرڙ ڦلپوٽو، رجب علي ڦلپوٽو ، نھال شنباڻي ، حاجي فيض محمد جتوئي ۽ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي تہ بااثر ٺيڪيدار اسان لاءِ اصل رڻ ٻاري ڇڏيو آهي ھو سنگرار مائنر (واھ) جي ٽن کان چار فوٽ تري کان ھيٺ کاٽي کڻائي رھيو آھي جيڪو سراسر غير قانوني آهي ھنن چيو تہ اسان جو ڪار وهنوار صرف زمين تي آهي ھڪ تہ پھريان ئي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنگرار مائنر (واھ) ۾ پاڻي ناھي پھتو ويتر مذڪورہ بااثر ھيٺ کاٽي ڪرائي اسان کي نقصان رسائي رھيو آھي ھينئر تائين اسان وؤنئڻن جي پوکائي ناھيون ڪري سگھيا ھنن چيو تہ مذڪورہ بااثر شخص غير قانوني طريقي سان ٽيل جو دڪو ٽوڙائي ڇڏيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ھنن وڌيڪ چيو تہ سرڪاري طور ٽيل کان اڳتي واٽر جي ورٿ (ويڪر) ٽي فوٽ ھوندي ليڪن بااثر ٺيڪيدار ٽيل کان اڳتي واٽر جي ورٿ (ويڪر) ستن کان اٺ فوٽ ڪرائي ڇڏي آهي جنھن ڪري پويان ايندڙ پاڻي ٽيل جو دڪو نہ ھجڻ ڪري پاڻي پنھنجي طئي ٿيل سطح تي پھچي نٿو سگهي ھنن اھو پڻ چيو تہ اسان ڪيترائي ڀيرا ايريگيشن آفيسرن وٽ شڪايت ڪئي آھي ليڪن ڪوبہ مثبت نتيجو ناهي نڪري سگھيو ھنن پنھنجي ڳالھ جاري رکندي چيو تہ مذڪورہ بااثر جو ھن واھ تي ٽيل کان اڳتي صرف تيرھن ڪلاڪ شيئر لسٽ تي پاڻي منظور ٿيل آهي ليڪن مذڪورہ ٺيڪيدار تر جي بااثر جي آشيرواد سان ھزارين ايڪڙ ٺيڪو کڻي غير قانوني طريقي سان پاڻي وھائي مٿين آبادگارن جو ڪاپاري نقصان ڪري رھيو آھي ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، ھاء ڪورٽ آف سنڌ ، ھاء ڪورٽ سکر بئنيچ ، سيشن ڪورٽ سکر آء جي سنڌ ، ڊي آء جي سکر ريجن ، ايس ايس پي سکر ، ڊي ايس پي روھڙي ۽ ايريگيشن جي اعلا آفيسرن کي مؤدبانہ اپيل ڪئي آهي تہ معاملي جي شفاف جاچ ڪري غيرقانوني کاٽي روڪرائڻ سان گڏوگڏ ٽيل جو دڪو ھڻائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي










