ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن پاران 15 کان 18 نومبر 2022 تائين ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ 11هين بين الاقوامي دفاعي نمائش ۽ سيمينار آئيڊياز 2022 جي نالي سان منعقد ٿي رهيو آهي

آئيڊياز جي عالمي نمائش جي تقريب ۾ سنڌ پوليس جي اها پهرين شرڪت آهي.تقريب ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج، قومي ۽ بين الاقوامي دفاعي صنعتن، او ايمز، صنعتڪارن ۽ اعليٰ سطحي قومي ۽ بين الاقوامي دفاعي وفدن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي

آئيڊياز 2022 کي دفاعي خريد ڪندڙن ۽ وڪرو ڪندڙن لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم مهيا ڪرڻ لاءِ منظم ڪيو ويو آهي.هال نمبر 8 پاڪستان پويلين ۾، سنڌ پوليس کاتو جديد پوليسنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي سسٽم ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي سفر جي حوالي سان پنهنجون خدمتون پيش ڪري رهيو آهي

جديد هٿيارن ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم سان ليس پروفيشنل ۽ تربيت يافته اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ ڪمانڊوز تي مشتمل اسپيشل ويپنز اينڊ ٽيڪٽڪس ٽيم (S.W.A.T) جي خدمتن ۽ خاصيتن کي پڻ هتي اجاگر ڪيو پيو وڃي.مهمانن کي سنڌ پوليس پاران ڏوهارين کي پڪڙڻ لاءِ تازو شروع ڪيل ”تلاش“ ايپ بابت پڻ آگاهه ڪيو پيو وڃي.










