اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 27هين آئيني ترميم کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي اختيار بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جي اختيار جي دائري بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت هڪ ٻئي جي ماتحت نه آهن، هڪ جهڙيون عدالتون آهن، وفاقي آئيني عدالت جا فيصلا قانوني اصولن جي حوالي سان ٻين عدالتن تي لاڳو هوندا. آرٽيڪل 189 هڪ عدالت کي ٻئي عدالت جي ماتحت نٿو بڻائي.عدالتي فيصلي موجب آئيني ۽ غيرآئيني ڪيسز کي گڏ هلائڻ سان آئيني ڏکيائيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ڪلب ٿيل آئيني ۽ ريگولر ڪيسز کي ڌار ڌار فورمز تي اماڻيو وڃي، آئيني ڪيسز وفاقي آئيني عدالت جڏهن ته ريگولر ڪيسز سپريم ڪورٽ ٻڌندي. تڪراري فيصلن کان بچڻ جي لاءِ عدالتي احترام جو اصول اختيار ڪيو ويندو. ٻئي عدالتون هڪ ٻئي جي اختيار جي دائري جو احترام ڪندي فيصلا ڪنديون.سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 199 جي تحت داخل آئيني درخواستن جون اپيلون وفاقي آئيني عدالت ٻڌندي. عام سول ۽ ريگولر اپيلن جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ رهندو. 27هين آئيني ترميم کان پوءِ وفاقي آئيني عدالت کي خصوصي آئيني اختيار حاصل آهي. هاءِ ڪورٽ جي آئيني نوعيت جي فيصلن خلاف اپيلون وفاقي آئيني عدالت منتقل ٿينديون. جڏهن ته ڪرايه داري ۽ ڪجهه خانداني معاملا وفاقي آئيني عدالت جي اختيار کان آجا هوندا. سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي گڏيل فيصلي بابت ڪيسز ڊي ڪلب ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سول نوعيت جون اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ رهنديون. عدالت آئيني درخواست بابت اپيل وفاقي آئيني عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته توهين عدالت جا ڪيسز لاڳاپيل عدالت ئي ٻڌندي جنهن جي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي هجي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي بابت توهين عدالت جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ ۾ هلندي. فيصلي موجب توهين عدالت جو اختيار عدالت جي وقار ۽ عملداري سان جڙيل آهي.










