ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آئيني ترميم کان سواءِ سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽ نٿا ڪري سگهجن. اڄ ٻيهر 1997ع جي تاريخ ورجائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته راڻا ثناءُالله ڪالهه ججز تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڀٽو جي ڏوهٽي آئين تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. چونڊن کي ملتوي ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو ويو آهي.هن پي ڊي ايم جي ڪالهوڪي اجلاس تي تنقيد ڪندي چيو ته ن ليگ جي قيادت آئين تي حملي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. راڻا ثناءُالله چيو آهي ته 3 ججز خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو. هي اهڙو مخالف ڌر جو اڳواڻ چاهين ٿا جيڪو سرڪاري زبان ڳالهائي جيڪو آئين ڀٽو ٺاهيو ان کي زردارين تباهه ڪري ڇڏيو.شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف آئين سان بيٺل هوندي، آئين چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ آئين ۾ اهو به لکيل آهي ته آئيني ترميم کان سواءِ اوهان سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي گهٽ نٿا ڪري سگهو پر اڄ 1997 جي تاريخ کي ٻيهر ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته پي ڊي ايم وارا هڪ طرف نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا آهن ته ٻئي طرف چون ٿا ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجن. وڪيلن به اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته اهي ٻاهر نڪرندا.شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي پٽيشن آئين جي تشريح آهي، اسان وڪيلن، پرڏيهي پاڪستانين ۽ دانشورن کي اپيل ڪريون ٿا ته اچو سڀ ملي هن فسطانيت جو مقابلو ڪريون، وڪيلن کي گذارش ٿا ڪريون ته اهي اسان سان گڏ ٿين.










