آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج،مطالبا منظور ڪرڻ جي اپيل

آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج،مطالبا منظور ڪرڻ جي اپيل

نئون ديرو (ن س) گذريل سال آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ ڏيندر اميدوارن ۾ 33 کان 40 مارڪون حاصل ڪندڙ اميداورن جو شهيدن جي مزار گڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزارون اڳيان احتجاج، احتجاج ۾ شامل اميدوارن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي به ٻين وانگر پاس ڪري اسان جو جلد نوٽيفيڪشن ڪڍيو وڃي ته جئين اسان جون به اميدون پوريون ٿين تفصيلي خبر موجب گذريل سال حڪومت سنڌ جي پاليسي مطابق پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي اميدوارن کان آءِ بي يونيورسٽي سکر ۾ يونيورسٽي انتظاميه جي نگراني ۾ ٽيسٽ ورتا ويا جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين حصو ورتو حڪومت سنڌ جي شروعاتي پاليس مطابق 55 کان مٿي مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي پاس ڪيو ويو جنهن بعد ڪيترن نوجوانن سنڌ سرڪار جي ان پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا جنهن بعد سرڪار پاران وڌيڪ لچڪ ڏيکاريندي51 تائين مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي به پاس ڪري آفر آرڊر ڏنا ويا، اهڙي صورتحال بعد 33 کان 40 تائين مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوار به حڪومت سنڌ خلاف روڊ رستن تي نڪري آيا، گذريل 6 مهينن کان سنڌ سيڪريٽريٽ جي دروازي اڳيان احتجاج سميت ڪيترن جگهن تي احتجاج تي ويٺل اميدوار سنڌ پوليس جون لٺيون کائڻ بعد به پنهنجي همٿ نه هاري ۽ اڄ شهيدن جي شهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ هٿن ۾ وڏا وڏا بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهيد جي مزارن اڳيان احتجاج ڪري سنڌ سرڪار پاران سنڌ اندر ٻٽي نظام خلاف سخت نعري بازي ڪئي، احتجاج ۾ شامل احسان علي جروار، ديدار علي لغاري، مولا بخش بلوچ، آصف کوسو، نعيم ناريجو ۽ ٻين وزير تعليم سردار شاهه کان مطالبو ڪندي ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ ٻين اميدوارن جيان 33 کان 40 مارڪون حاصل ڪندڙ اميداورن کي به پاس ڪري نوٽيفيڪشن جاري ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن، اميدوارن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان سنڌ سرڪار جي ان ٻٽي پاليسي خلاف گذريل ڇهن مهينن کان سرپاء احتجاج آهيون جنهن ۾ اسان کي سخت تشدود جو نشان به بڻايو ويو آهي، پوءِ به اسان پنهنجي حق لاءِ پنهنجو احتجاج جاري رکنداسين، هنن جو چوڻ هيو ته اسان جو شهيدن جي مزارون اڳيان احتجاج ڪرڻ جو مقصد اهو آ ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو هر نوجوان کي روزگار ڏيڻ جو نعرو هيو، ۽ جيڪو پارٽي جي منشور ۾ به آهي، اسان هت آيل سڀئي پي پي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ وزير تعليم قبلا سائين سردار شاهه کان اپيل ٿا ڪيون ته اسان کي به ٻين اميدوارن وانگر پاس ڪري اسان جو پاس ٿيڻ جو نوٽيفڪشن ڪڍيو وڃي ۽ اسان کي به آفر آرڊر ڏنا وڃن ته جئين اسان جي گهرن جون به چلهيون ڀرنديون رهن…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو