آءِ ٽي وزارت ”5 جي“ لائسنس جي نيلامي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

آءِ ٽي وزارت ”5 جي“ لائسنس جي نيلامي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هڪ طرف جتي جاز ۽ زونگ وچ ۾ پنجين جنريشن (5 جي) موبائيل ٽيڪنالاجي جي ٽيسٽ ٽرائل تي مقابلو هلي رهيو آهي ته اُتي انفارميشن ٽيڪنالوجي اينڊ ٽيلي ڪميونڪيشن جي وزارت ملڪ ۾ 5 جي اسپيڪٽرم جي نيلامي لاءِ ڪاميٽي جوڙِ ڇڏي آهي. اها ڪميٽي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر اعلان ڪندي جنهن سربراهي آءِ ٽي وزارت جو ميمبر ڪندو جڏهن ته ان کان علاوهه ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ چئني ٽيلي ڪام ڪمپنين جا نمائندا ۽ فريڪيوئنسي ايلوڪيشن بورڊ جا آفيسر به شامل هوندا. ڄاڻايل ڪميٽي 5 جي لائسنس جي نيلامي بابت پاليسي سميت ان جي فيس ۽ ٻيا معاملا طئي ڪندي. ان ڪميٽي جي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي هدايت تي جوڙي وئي آهي. ان جو چوڻ آهي ته پاڪستان دنيا جي ان چند ملڪن ۾شامل ٿيندو جتي 5 جي ٽيسٽ ٽرائل ڪيو ويو. واضح رهي ته جاز ۽ زونگ طرفان 5 جي ٽيسٽ سوشل ميڊيا تي ٻنهي ڪمپنين جي حمايتن وچ ۾ هڪ جنگي صورتحال آهي. جيتوڻيڪ زونگ طرفان آگسٽ 2019 ۾ 5 جي ٽيسٽ ڪيو ويو هو پر ڪمپني جاز طرفان ڇنڇر تي ففٿ جنريشن موبائل ٽيڪنالوجي کي ٽيسٽ ڪرڻ بعد زونگ آچر تي ٻيهر پنهنجي 5 جي ڪارڪردگي چيڪ ڪئي. جيز طرفان اسلام آباد ۾ موجود هيڊڪوارٽر ۾ ان ٽيسٽ جو ٽرائل ورتو ويو. ان حوالي سان ڪمپني جو چوڻ هو ته ڪامياب ايڇ ڊي وائس ۽ وڊيو ڪال سان گڏ تقريبن هڪ هزار 452 ايم بي پي ايس جي ڊائون لوڊ ۽ 68 ايم بي پي ايس جي اپ لوڊ اسپيڊ حاصل ڪئي هئي. واضح رهي ته ٽيڪنيڪي اصلاحات ايم بي پي ايس جو مطلب ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ آهي جيڪا ڊائون لوڊ ۽ اپ لوڊ اسپيڊ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هڪ بيان ۾ جاز جي سي اي اوعامر ابراهيم چيو ته 5 جي جو آغاز مستقبل جي صارفين جي ضرورتن کي پورو ڪندو. هن جو چوڻ هو ته اسان ابتدائي 5 جي ٽرائل کان خوش آهيون جڏهن به حڪومت طرفان ان عمل کي شروع ڪيو ويندو ته سڄي پاڪستان ۾ ٽيڪنالوجي تيز ٽريڪ تي رکڻ لاءِ تيار آهيون. حڪومت جڏهن به ان ڪمرشل آغاز جي اجازت ڏني ته جاز 5 جي گيم چيجنگ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. واضح رهي ته ٽيلي ڪام ريگيوليٽر پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن اٿاٽي جي منظوري سان جاز، اسلام آباد ۾ ايف 8، جي 7، اي 7 ۽ بليو ايريا ۾ پنهنجون آفيسن ۾ 20 ڏينهن لاءِ عام صارفين لاءِ پنهنجي 5 جي سروس کي پيش ڪري رهيو آهي جتان شهري پنهنجي 5 جي جي حامل ڊوائيس ذريعي ايندڙ نسل  جي تيز ترين انٽرنيٽ جي اسپيڊ کان فائدو کڻي سگهندو. ان حوالي سان زونگ جي چيئرمين ۽ سي اي او وانگ هوا جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊيجيٽل جڙيل ملڪن جي برابر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪنالوجي ۽ جديد ترين سهولت جو استعمال ڪنداسين. هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته ٽيلي نار به مستقبل ۾ پنهنجي 5 جي ٽيسٽ جو اعلان ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ ڪمپني جي هڪ عهديدار جو چوڻ هو ته ٽيسٽ ٽرائل لاءِ پي ٽي اي کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو