شهدادڪوٽ (ن سنڌيار) شهدادڪوٽ ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ، تعلقي شهدادڪوٽ جون سيٽون ظاهر نه ڪرڻ ۽ ٻين تعلقن ڏانهن منتقل ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري، مطالبا منظور ڪري اميدوارن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. شهدادڪوٽ ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ تعلقي شهدادڪوٽ جون سيٽون ظاهر نه ڪرڻ ۽ ٻين تعلقن ڏانهن منتقل ڪرڻ واري عمل خلاف شهدادڪوٽ تعلقي جي 40 کان 54 مارڪون کڻندڙ اميدوارن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نديم چانڊيو، صابر جمالي، وسيم ڀٽي، اختر سومرو، اشفاق چانڊيو، گلزمان مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي احتجاج ۾ شيعه علماء ڪائونسل اڳواڻ ذوالفقار ميرجت، ڊاڪٽر شريف ڀٽي، ايس يو پي اڳواڻن حمل خان خشڪ، رميز تونيو سميت ٻين سياسي، سماجي، تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي DEO ايجوڪيشن پاران وزير اعلي سنڌ جي حڪم کانپوء به 40 کان 54 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کان ڪاغذ وٺي آفر آرڊر ورهائڻ جو سلسلو شروع ناهي ڪيو ويو، هنن چيو ته شهدادڪوٽ جي اميدوارن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته DEO قمبر شهدادڪوٽ هن وقت تائين اميدوارن کان فائيلون به ناهن ورتيون، تعلقي شهدادڪوٽ ۾ 500 کان وڌيڪ جايون خالي پيل آهن جيڪي هو ظاهر نه پيو ڪري ۽ اميدوارن سان غير مناسب رويو اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، اميدوارن وزير اعلي سنڌ، وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته DEO قمبر شهدادڪوٽ جي غير مناسب رويي جو نوٽيس وٺي تعلقي شهدادڪوٽ جي اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي هنن مطالبه منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ ۽ ڪورٽ سڳوري ۾ وڃڻ جو پڻ چتاء ڏنو.










