ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ بنگلاديشي حڪومت صنعتن ۽ ڪمرشل (هوٽل ۽ ريسٽورنٽ) شعبن لاءِ گئس جي قيمتن ۾ 179 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. حڪومت، هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ ٻيو ڀيرو، پنهنجي نئين عطا ڪيل طاقت استعمال ڪئي (جيڪا ان کي اجازت ڏئي ٿي ته هر قسم جي توانائي جي قيمتن کي مقرر ڪري ريگيوليٽر جي دائري اختيار کان پاسو ڪندي) ڪنهن به عوامي ٻڌڻي کان سواءِ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ. ان کان اڳ 12 جنوري تي حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪري 7.48 ٽڪا في ڪلو واٽ في ڪلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. بنگلاديش ۽ آءِ ايم ايف گذريل نومبر ۾ اسٽاف سطح تي معاهدي تي پهچي ويا هئا. جنهن موجب توسيع ڪريڊٽ جي سهولت، توسيع ٿيل فنڊ جي سهولت، ۽ آئي ايم ايف جي نئين لچڪدار ۽ پائيدار سهولت (RSF) جي تحت، اختيارين جي مالي سڌارن جي ايجنڊا کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ معاهدو ٿيو هو. گهريلو، فرٽيلائيزر ۽ چاءِ جي صنعتن لاءِ گيس جي اگهن ۾ واڌ ناهي ڪئي وئي. نيون قيمتون پهرين فيبروري کان لاڳو ٿينديون. آءِ ايم ايف جي بورڊ جي 30 جنوري تي ميٽنگ آهي جنهن ۾ بنگلاديش لاءِ پيڪيج منظور ٿيندو.










