آءِ ايم ايف پروگرام هر صورت ۾ بحال ٿيندو: مفتاح

آءِ ايم ايف پروگرام هر صورت ۾ بحال ٿيندو: مفتاح

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام هر صورت ۾ بحال ٿيڻ وارو آهي، هن مهيني حالتون بهتر ٿي وينديون.درآمدات تي ضابطو آڻڻ گهرجي، ڊيفالٽ جو خطرو ختم ٿي ويو آهي.هن چيو ته هاڻي ڊالر جي طلب گهٽ ۽ سپلاءِ وڌيڪ آهي، ان ڪري رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام هر صورت ۾ بحال ٿيڻو آهي، هن مهيني حالتون بهتر ٿي وينديون.ناڻي واري وزير چيو ته پارٽي جا اڪثر ساٿي منهنجي حمايت ڪن ٿا، ڪجهه پريشان آهن ۽ ڪجهه ناراض ٿي منهنجي خلاف مهم هلائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو