اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسٽاف ليول جي معاهدي لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي ۽ امڪان آهي ته هلندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏني ويندي، ان حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان 4 ڀيرا ملاقات ٿي چڪي آهي. ايم آءِ ايف پي جا هدف، اسٽاف سطح جي معاهدي کان اڳ، آءِ ايم ايف جي آخري شرط پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن کي بهتر بڻائڻ هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته چين جي قرضن جي رول اوور سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي.










