آءِ ايم ايف حدف حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ

آءِ ايم ايف حدف حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد (اياز مهر) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس کان اڳ هڪ ٻيو هدف پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 26 پيسا اضافو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نيپرا طرفان في يونٽ 15 پيسا اضافي جي منظوري ڏني وئي هئي. رپورٽ مطابق ان ڳالهه جو فيصلو ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ اٽي جي في مڻ جي قيمت ۾ 15 رپين جو اضافو ڪري 1365 رپيا ڪيو ويو آهي. ان کان علاوهه اجلاس ۾ پنجاب اندر قدرتي گيس ايل اين جي تي هلندڙ بجلي گهرن کي گيس جي 66 سيڪڙو مقدر جي ضمانتي ادائيگي ۽ وصولي کان آجو قرار ڏنو ويو. اي سي سي اجلاس جي سربراهي وزيراعظم جي مشير خزانه ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪئي. واضح رهي ته وزير توانائي جي سمري تي اي سي سي نيپرا طرفان بجلي جي قيمت ۾ ڪيل 15 پيسا في يونٽ اضافي ۾ وڌيڪ 11 پئسا في يونٽ جي منظوري ڏني آهي جيڪو پهرين ڊسمبر کان لاڳو ٿيندو. 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ 3 ڪروڙ مان 2 ڪروڙ صارفين ان وڌايل قيمتن کان محفوظ رهندا. جڏهن ته 10 لک مان 6 لک صارفين لاءِ به اهو اضافو صرف 7 پيسا في يونٽ جو هوندو. عبدالحفيظ شيخ مستقبل ۾ بجلي جي قيمتن جي طريقيڪار کي وڌيڪ جامع ۽ آسان بڻائڻ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي بنائڻ جو اعلان به ڪيو جنهن ۾ وزير قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق مخدوم خسرو بختيار، وزير توانائي عمر ايوب خان، مشير صنعت و پيداوار عبدالرزاق دائود ۽ وزيراعظم جي معاون خصوصي پيٽروليم نديم بابر شامل هوندا. اهي قدم مالي، مانيٽري پاليسي ۽ اقتصادي يادداشت تحت آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرز طرفان حڪومت پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ساڍا 4 ڪروڙ ڊالرن جي ادائيگي لاءِ ٿيندڙ معاهدي جي منظوري کان اڳ کنيو ويو آهي. اهڙي طرح بجلي جي قيمت 13 رپيا 51 پيسن کان وڌي 13 رپيا 77 پيسن تائين پهچي وئي آهي جنهن ۾ جنرل سيلز ٽيڪس، اينڌن جي قيمت جي ايڊجسٽمينٽ ۽ ٻيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون شامل ناهن. ان کان علاوهه اي سي سي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي 18 کرب 60 ارب 89 ڪروڙ واجب الادا قرضن کي گرانٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي وزارت مواصلات جي تجويز تي وزير منصوبابندي ترقي و اصلاحات، سيڪريٽري خزانه، سيڪريٽري مواصلات، سيڪريٽري اقتصادي امور ۽ ڊپٽي چيئرمين منصوبابندي ڪميشن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا ان تجويز جو جائزو وٺي اي سي سي کي سفارشون پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو