آءِ ايم ايف جو مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ تي زور

آءِ ايم ايف جو مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ تي زور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي مانيٽري پاليسي سخت ڪري.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪالهه ورچوئل ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان طرفان اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تي وقت تي اڳواٽ قدم کڻڻ لاءِ مسلسل دٻاءُ آهي، آءِ ايم ايف مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ سان شرح سود وڌائڻ جو امڪان آهي، اسٽيٽ بئنڪ هن وقت بيس ريٽ 17 سيڪڙو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف سود جي شرح ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.آءِ ايم ايف افراط زر جي بنياد تي مالياتي پاليسي کي سخت ڪرڻ لاءِ زور ڏئي رهيو آهي.ذريعن موجب ملاقات ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کي گذريل قدمن کان آگاهه ڪيو، پاڪستان دوست ملڪن جي فنانسنگ بابت به بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ چين سان 700 ملين ڊالرن جي ري فنانسنگ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي گڏيل عرب امارتن کان 1.2 ارب ڊالرن جي فنانسنگ کان علاوه گڏيل عرب امارات ۽ قطر جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شيئرز ذريعي فنانسنگ بابت به بريفنگ ڏني وئي.ورچوئل اجلاس ۾ پاڪستان جون تائين پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن جي هدف واري حڪمت عملي به پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو