ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران ڪراچي ۾ رٿيل ”وحدت سنڌ مارچ“ ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، سچل ڳوٺ، صفوران، گلشن حديد، ملير سميت مختلف علائقن کان پر امن مارچ ڪري لکين جي تعداد ۾ڌرتي ڌڻين ڪراچي ۾ڀرپور طاقت جو مظاھرو ڪري سنڌ جي امڪاني تقسيم ۽ نون صوبن خلاف پنھنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. صدر ايمپريس مارڪيٽ پھچي ويا، ڪهاڙي وارن ڳاڙهن جهنڊن سان شھيدن جي يادگار تي حاضري ڀري عقيدت جا گل نڇاور ڪيا. ان موقعي تي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سربراھھ رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو تھ سنڌين کي مبارڪون هجن جيڪو چئن ميهنن کان سنڌ ورهائيڻ جي سازش هلي پئي اڄ اوهان انهن کي ٺاهيڪو جواب ڏنو ،اوهان سچل ڳوٺ، صفوران، گلشن حديد، ملير سميت مختلف علائقن کان پر امن مارچ ڪري لکين جي تعداد ۾ سنڌي گهران نڪري ثابت ڪيو ته اسان پر امن سنڌي آهيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ورهائيڻ نه ڏينداسين .اوهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ريفرينڊم جو هتي ته ريفرينڊم اليڪشنون سڀ ڪوڙ آهن،ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ بجلي ناهي سنڌ جو ڪوئلي مان بجلي ٺهي پئي پر اها بجلي سنڌ کي نٿي ڏني وڃي.مان شڪر گذار آهيان، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ وڪلين جو شڪرگذار آهيان مان شڪر گذار آهيان اردو ڳالهائيندڙن جو واپارين جو جن وحدت سنڌ مارچ جو ڀرپور ساٿ ڏنو.اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي روڊ رستا ناهين وسيلا سنڌ جا استعمال ڪٿي ٻي هنڌ پيا ٿين .ڪراچي شهر جي سنڌي آبادي ۽ اردو آبادي اسان سان گڏ آهي ايندڙ اعلان رهبر ڪميٽي پنهنجي ميٽنگ ڪندي .اسان جا ڪارڪن گرفتار ٿيندا ته سڄي سنڌ جا رستا بند ڪنداسين. جيئي سنڌ قومي محاذ(ب) جي سربراھھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو تھ سنڌ جي گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ رهندڙ سنڌي سنڌ جي ورهاڱي خلاف پنهنجو ريفرينڊم ڏئي چڪي آهي،ڪراچي م رهندڙ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ پنجاب جي اشاري تي هلي رهيا آهن اسان جو قومي دشمن ڪلھ به پنجاب هيو اڄ به اهو ئي آهي ،سنڌ جا نوجوان همٿ ۽ جذبي سان سوچ سمجهه سان جهدوجهد ڪري پنهنجي سنڌ کي بچائين ،هو سمند ۽ سنڌو درياهه تي ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا .سنڌ جو سمنڊ سنڌ جو درياهه سنڌ جو ڪوئلو سنڌ جو آهي سنڌ سنڌين جي آهي ،اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن انهن سان اسان جو ڪوبه مسئلو ناهي سنڌ ۾ رهندڙ سڀني قومن جي ماڻهن جو سنڌ آهي ان کي ورهائيڻ ناممڪن آهي.سنڌ اسيمبلي قراردادون پاس ڪيو آهن پر هو ان کي به نٿا مڃين پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ڪڏهن به سنڌ ورهائيڻ نه ڏيندو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته وحدت سنڌ مارچ ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿي مخالفن کي پيغام ڏنو آھي ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. سنڌ جو ڪو به غيرتمند پٽ سنڌ جي ورهاست کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ وارو خيال رد نه ڪيو ويو ته پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا.جيئي سنڌ قومي محاذ(آريسر) جي سربراھھ اسلم خيرپوري چيو تھ اڄ اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ سنڌين جي آهي،سنڌ تي هميشه وار ٿيندا رهيا آهن پر سنڌين هميشه سنڌ سان محبت جو ڏيک ڏئي ھن قسم جون ريلويون ڪڍي ريفندم ڏئي ڇڏيو ته سنڌ هڪ آهي هڪ ئي رهندي. وحدت سنڌ مارچ ۾جيئي سنڌ قومي پارٽي جو سربراھھ نواز خان زنئور، جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جو اڳواڻ دودو ديشي، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، علامھ اياز قمي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر عبدالحسيب جمالي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر عامر نواز وڙائچ، ڪي بي لغاري ايڊوڪيٽ ۽ ٻين اڳواڻن مختلف جاين تي خطاب ۾چيو ته ڪنهن به قيمت تي سنڌ کي ورهائڻ ۽ سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ نه ڏينداسين. سنڌ جي وحدت تي وار قبول ناهي. جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي اڳواڻ رياض چانڊيو، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تي ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي. جعلي ريفرنڊم يا پارليامينٽ ۾ ويهي سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ڪرڻ ست ڪروڙ سنڌين جي توهين آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پرامن احتجاج ذريعي پنهنجي ڌرتيءَ جي جاگرافيائي وحدت، سمنڊ، تهذيب ۽ ثقافت جو تحفظ ڪندا. اسان کي انصاف ته نه مليو، پر هاڻي اسان جي ڌرتيءَ جو وجود ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. سنڌ جي وحدت تي ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي. سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، سنڌ جي ورهاست بابت ڳالهيون بند ٿيڻ گهرجن. وحدت سنڌ مارچ ۾مختلف مڪتبھ فڪر سان تعلق رکندڙ سياسي سماجي اڳواڻن، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي نمائندن، دانشورن ، اديبن ، استادن ، شاگردن ۽ نوجوانن جو وڏو انگ شامل ھو. جنھن ، عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل ھئا. جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو ”وحدت سنڌ مارچ“ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف مختلف شهرن مان ڌرتي ڌڻي ڪراچي پهتا. سکر، حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ به وحدت سنڌ مارچ جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،ٺٽي، ملير ۽ ٻين علائقن جا قافلا پڻ شامل ٿيا.ٻئي پاسي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پڻ ڪراچي ۾ ٿيندڙ وحدت سنڌ مارچ جي حمايت جو اعلان ڪيو.
دادو: سنڌ جي ورهاڱي واري تجويز خلاف جي يو آءِ جي احتجاجي ريلي، ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو
دادو ۾ سنڌ اندر نئين صوبي جي قيام ۽ سنڌ جي ورهاڱي واري تجويز خلاف جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ضلعي دادو پاران علي اصغر لغاري، حبيب الرحمن ملڪاڻي، عبدالحق جمالي ۽ ابوبڪر آزاد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسان جي تاريخي سڃاڻپ ۽ وحدت جي علامت آهي، سنڌ کي ورهائڻ يا نئون صوبو قائم ڪرڻ واري ڪنهن به سازش ۽ تجويز کي قبول نه ڪيو ويندو هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ورهاڱي بابت سموريون تجويزون رد ڪري سنڌ جي وحدت ۽ خودمختياري برقرار رکي وڃي.










