هڪ وزير روز ٽي وي تي اچڻ لاءِ مون تي تبصرا ڪري پيو: محسن نقوي

هڪ وزير روز ٽي وي تي اچڻ لاءِ مون تي تبصرا ڪري پيو: محسن نقوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هڪ وزير اڄڪلهه روز ٽي وي تي اچڻ لاءِ مٿس تبصرا ڪري رهيو آهي.غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي محسن نقوي چيو ته جنهن ڏينهن هن ان وزير بابت تبصرو ڪيو، اهو منهن لڪائڻ جي قابل به نه رهندو. هن چيو ته هو اڍائي سالن کان ان وزير جا تبصرا صبر سان ٻڌي رهيو آهي، جڏهن ته جن واپارين تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، اهي پاڪستان جا عزتدار شهري آهن. محسن نقوي موجب، اهي واپاري وفاق ۽ مختلف شهرن جي چيمبرن جا صدر ۽ عهديدار رهيا آهن، جڏهن ته انهن جو شمار پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙن ۾ ٿئي ٿو. وفاقي گهرو وزير سوال ڪيو ته جيڪڏهن اهي واپاري ايترا خراب آهن ته پوءِ هر اليڪشن ۾ پارٽي فنڊ جي نالي تي انهن کان اربين رپيا ڇو ورتا وڃن ٿا؟

پهنجو تبصرو موڪليو