ھري پور (ويب ڊيسڪ) تربيلا ڊيم مان اڄ رات سنڌو درياهه ۾ وڌيڪ اضافي پاڻي ڇڏڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران درياهه ۾ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وڌيڪ واڌ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اٽڪ ۽ هريپور ضلعن ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اٽڪ جي ضلعي انتظاميا سنڌو درياهه ڀرسان ڇڇ ڳوٺ جي رهواسين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. تحصيل حضرو جي مختلف علائقن لاءِ پڻ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجا چوپايو مال ترت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪن. حضرو انتظاميا طرفان مختلف مسجدن ۾ اعلان پڻ ڪرايا ويا آهن. شام ڌاري تربيلا ڊيم مان سنڌو درياهه ۾ ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو. آبپاشي بابت صلاحڪار موجب سنڌو درياهه ۾ هنڊ واري هنڌ پاڻيءَ جو وهڪرو هڪ لک 33 هزار 737 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽائي 1490 فوٽن تائين آندي پئي وڃي، جڏهن ته پاڻيءَ جي سطح گهٽائڻ جو عمل اڄ منجهند 12 وڳي تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. تربيلا ڊيم جي توسيعي پن بجلي منصوبي جي ڪنيڪٽنگ ٽنل جي کوٽائي دوران جبل جو هڪ ڪمزور حصو ڪري پيو هو، جنهن سبب پاڻي ٽنل ۽ پاور هائوس ۾ داخل ٿي ويو. واپڊا جي ترجمان موجب ان ٽيڪ پٽ مان پاڻي پڻ مڪمل طور ڪڍيو ويو آهي. منصوبي جي مين ٽنل، تعمير هيٺ پاور هائوس ۽ سوئچ يارڊ کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي، جڏهن ته سمورن مقامي ۽ پرڏيهي مزدورن کي محفوظ نموني ٻاهر ڪڍيو ويو. واپڊا جي ترجمان تربيلا جي ٽنل نمبر پنج ڊهڻ وارين خبرن کي غلط قرار ڏنو آهي. ذريعن موجب حادثي کانپوءِ توسيعي پن بجلي منصوبي تي ڪم روڪيو ويو آهي.










