اھم ويھڪ،سمورن معاملن تي مشاورت سان حل ڪڍڻ تي اتفاق

اھم ويھڪ،سمورن معاملن تي مشاورت سان حل ڪڍڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران موجوده صورتحال، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ايوانِ صدر پاران ملاقات جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ملاقات ۾ سمورن معاملن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران چيو ويو ته ماضي ۾ آئيني ترميمون سمورين اتحادي جماعتن جي گڏيل مشاورت سان ڪيون ويون هيون. پڌرنامي موجب سمورن معاملن تي گڏجي ويهي مشاورت ڪئي ويندي ۽ اتفاق راءِ سان انهن جو حل ڪڍيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو