ايئرپورٽ جي پارڪنگ ۾ لفٽر سان کڻڻ دوران هائبرڊ ڪار سڙي رک

ايئرپورٽ جي پارڪنگ ۾ لفٽر سان کڻڻ دوران هائبرڊ ڪار سڙي رک

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ جي پارڪنگ ۾ لفٽر ذريعي کڻڻ دوران لکين رپين جي ماليت واري هائبرڊ ڪار سڙي رک ٿي وئي.ذريعن موجب ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پارڪنگ ۾ ڪار کي باهه لڳڻ جو واقعو گذريل هفتي پيش آيو. جناح ٽرمينل ايندڙ هڪ شخص مبينا طور ڪار نو پارڪنگ واري هنڌ تي بيهاري هئي.جناح ٽرمينل جي پارڪنگ جو انتظام هلائيندڙ خانگي ڪمپني نو پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏين کي لفٽر ذريعي کڻي ويندي آهي ۽ ان عيوض ڳرا ڏنڊ وصول ڪندي آهي. ڪمپني جي لفٽر آپريٽر جيئن ئي ڪار کي کڻڻ شروع ڪيو ته ان جي اندر باهه ڀڙڪي پئي. تنهن هوندي به لفٽر ڊرائيور سڙندڙ ڪار کي ٻين گاڏين کان پري، پارڪنگ جي هڪ ويران هنڌ تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.ذريعن موجب ايئرپورٽس اٿارٽي جا فائر فائٽرز پهچڻ تائين قيمتي ڪار مڪمل طور سڙي چڪي هئي.واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته سڙندڙ ڪار هائبرڊ هئي ۽ لفٽر ذريعي کڻڻ وقت ان جي وائرنگ شارٽ سرڪٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ڪار جي حساس بيٽرين کي باهه لڳي وئي. ايئرپورٽ اختيارين به تصديق ڪئي ته گاڏي کي لفٽر ذريعي کڻڻ دوران باهه لڳي.ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته لفٽر آپريٽرز تربيت يافته نه آهن، جنهن سبب گاڏين کي کڻڻ دوران اڪثر نقصان پهچندو رهندو آهي. ذريعن الزام هنيو ته ڳرا ڏنڊ وصول ڪرڻ لاءِ بنا ضرورت به گاڏيون لفٽر ذريعي کنيو وڃن ٿيون.ٻئي طرف اطلاع آهي ته ڪار جي مالڪ نقصان جي ازالي لاءِ خانگي ڪمپني خلاف دعويٰ داخل ڪرائي ڇڏي آهي.جناح ٽرمينل جي پارڪنگ ۾ هڪ ئي وقت سوين گاڏيون بيهاريو وڃن ٿيون، پر اتي نه فائر هائيڊرينٽ موجود آهن ۽ نه ئي باهه تي ترت ضابطو آڻڻ جو ڪو ٻيو انتظام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو