ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سڄي پاڪستان کي ڌمڪي ڏني آهي، عدالتن کي ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته امن امان قائم رکڻ جا ذميوار ادارا به بلاول ڀٽو جي رت وهائڻ بابت بيان جو نوٽيس وٺن.هن بلاول ڀٽو تي نسل پرستيءَ جو الزام لڳائيندي سوال ڪيو ته ڇا عزير بلوچ کان رت جي راند ڪرائڻي آهي؟ جيڪڏهن سڄي پاڪستان ۾ صوبا ٺاهڻا آهن ته رت وهائڻ رڳو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ڇو ٿيندو؟ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ رت وهائڻ وارو ڪير هوندو؟ سنڌ جا شهري علائقا نه هاري آهن ۽ نه ئي شڪست کاڌل آهن.هن چيو ته پيپلز پارٽي مصنوعي اڪثريت جي بنياد تي حڪمراني ڪري رهي آهي، سنڌ جي 65 سيڪڙو آبادي نوان صوبا ٺاهڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي. اسان پاڪستان کي ڪنهن به لساني ورهاست جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين.خالد مقبول صديقي چيو ته اسان غلام نه، پر آزاديءَ جو پيغام پکيڙيندڙ آهيون، ڳالهائڻ وقت احتياط ڪيو. ايم ڪيو ايم ڪڏهن به ڪراچي يا مهاجر صوبي جي ڳالهه ناهي ڪئي، سڄي ملڪ ۾ آباديءَ جي بنياد تي صوبا ٺاهڻ گهرجن. جيڪڏهن سڄي ملڪ ۾ ڪنهن صوبي ٺاهڻ جو سڀ کان مضبوط ڪيس آهي ته اهو سنڌ جي شهري علائقن جو آهي هن چيو ته توهان ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيو، ڇا ڪو نوٽيس وٺندو؟ اسان نه ڪنهن کي ڌمڪي ڏيون ٿا ۽ نه ئي ڪنهن کي اسان کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. توهان انهن شهرن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، جيڪي هلن ٿا ته توهان جو گذر سفر ٿئي ٿو. توهان جي بيچيني کان اسان واقف آهيون.خالد مقبول صديقي وڌيڪ چيو ته سڄي پاڪستان ۾ صوبن ٺاهڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي ۽ ان معاملي تي ايوانن ۾ به بحث جاري آهي. سنڌ جي شهري علائقن جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، اڄ اها ئي ڳالهه سڄي ملڪ ۾ ٿي رهي آهي.










