مرڪزي مسلم ليگ ڪوڙا الزام لڳائڻ تي عظميٰ بخاري کي نوٽيس

مرڪزي مسلم ليگ ڪوڙا الزام لڳائڻ تي عظميٰ بخاري کي نوٽيس

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مرڪزي مسلم ليگ خلاف ڪوڙن، بدنيتي تي ٻڌل بيانن تي پارٽي طرفان پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري کي 5 ارب روپيه هرجاڻي جو قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو.پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ طرفان پارٽي کي دهشتگرد، ڪالعدم چوڻ واري بيانن تي 7 ڏينهن ۾ معافي گهرڻ، الزام واپس وٺڻ ۽ سوشل ميڊيا تان مواد هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن معافي نه گهري وئي ته عدالت ۾ ڪارروائي جو حق رکون ٿا. پيڪا ايڪٽ جي تحت اين سي سي آئي اي کان به رابطو ڪيو ويندو.قانوني نوٽيس مرڪزي مسلم ليگ جي صدر خالد مسعود سندهو طرفان انهن جي وڪيلن صاحبزاده محمد عامر حبيب، رانا محمد عبدالحفيظ ۽ شيخ ايم نعيم مظهر ايڊووڪيٽس هاءِ ڪورٽ جي ذريعي جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي مسلم ليگ، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ باقاعده رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي ۽ 2022ع کان ملڪ ۾ سياسي، فلاحي سرگرميون انجام ڏئي رهي آهي.مرڪزي مسلم ليگ کي ملڪ جي جمهوري ۽ چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جو قانوني حق حاصل آهي. عظميٰ بخاري پنهنجي ذاتي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ايڪس تي بيان جاري ڪيو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به بيان ڏنا جنهن کي نيوز چينلز تي به نشر ڪيو ويو. اهڙن بيانن ۾ مرڪزي مسلم ليگ کي مبينه طور تي دهشتگرد پارٽي، غيرقانوني پارٽي ۽ پابندي مڙهيل پارٽي قرار ڏنو ويو جيڪي ڪوڙا، بي بنياد، توهين جوڳا ۽ هتڪ جي زمري ۾ اچن ٿا.مرڪزي مسلم ليگ 2024 جي عام چونڊن ۾ پنهنجي چونڊ نشان ڪرسي جي تحت حصو ورتو ۽ عوامي سطح تي پنهنجي سياسي حيثيت مڃرائي، مرڪزي مسلم ليگ 8 نومبر 2026ع تي تڪ اين اي 77 گوجرانواله جي ضمني چونڊن ۾ ٻئي وڏي پارٽي هجڻ جو اعزاز به حاصل ڪيو.قانوني نوٽيس ۾ عظميٰ بخاري کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها مرڪزي مسلم ليگ جي خلاف وڌيڪ ڪنهن به قسم جا توهين جوڳا بيان ڏيڻ، شايع ڪرڻ ۽ پکيڙڻ سان فوري طور تي باز رهي. انهي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ ٻين ذريعن تي موجود سمورن تڪراري پوسٽس، وڊيوز، تبصرا ۽ مواد حذف ڪيا وڃن. مرڪزي مسلم ليگ کي دهشتگرد ۽ پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ جا الزام عوامي سطح تي واپس ورتا وڃن ۽ انهي پليٽ فارم جي ذريعي پارٽي، انهي جي قيادت، ڪارڪنن ۽ حامين کان غير مشروط لکت ۾ عوامي معذرت ڪئي وڃي. انهي سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته عظميٰ بخاري آئنده اهڙا بيان نه ڏيڻ جي لکت ۾ يقين دهاني ڪرائي ۽ تڪراري بيانن بابت سمورو رڪارڊ، پيغام، وڊيوز ۽ ٻيو مواصلاتي مواد محفوظ رکي.قانوني نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيڪا ايڪٽ جي تحت واضح ڪيل اخلاقي ضابطي جي مبينه ڀڃڪڙي تي اين سي سي آئي اي سان به رابطو ڪيو ويندو. عظميٰ بخاري جي بيانن سان مرڪزي مسلم ليگ جي صدر خالد مسعود سندهو جي عزت، وقار ۽ ساک کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهتو آهي. انهي نقصان جي ازالي لاءَ 5 ارب روپيه بطور هرجاڻو مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.نوٽيس ۾ عظميٰ بخاري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها نوٽيس ملڻ جي 7 ڏينهن جي اندر سمورن مطالبن تي عمل ڪري، ٻئي صورت ۾ سندس خلاف لاڳاپيل عدالتن ۾ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي ۽ انهي جي سمورن خرچن ۽ نتيجن جي ذميواري انهي مٿان لاڳو هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو