راولپنڊي )ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي جي ايڇ ڪيو حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي.ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني جو وڪيل فيصل ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










