اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عمران خان خلاف داخل ڪيس بي بنياد ۽ سياسي بنيادن تي قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سياسي مخالف به هاڻي عمران خان کي سياسي قيدي تسليم ڪري رهيا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته عمران خان خلاف ڪيسن ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ بند دروازن پٺيان سزائون ٻڌايون ويون.هن عدالت کي اپيل ڪئي ته سندن موقف ڏينهن جي روشنيءَ ۾ کليل عدالت ۾ ٻڌو وڃي.بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته سياسي مخالف به تسليم ڪري رهيا آهن ته عمران خان سياسي قيدي آهي.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به عمران خان کي سياسي قيدي قرار ڏيندي چيو هو ته سياسي قيدين کي آزاد ٿيڻ گهرجي.










