پنجاب ۾ قلم 144 تحت پابندين ۾ 30 ڏينهن جي واڌ

پنجاب ۾ قلم 144 تحت پابندين ۾ 30 ڏينهن جي واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ قلم 144 تحت مختلف پابندين ۾ 30 ڏينهن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڳجهي رڪارڊنگ وارن اوزارن ۽ جاسوسيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڊوائيسز تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.ڳجهن ڪيمرائن واري عينڪ، رڪارڊنگ اوزارن جي استعمال ۽ خريد ۽ وڪري تي به پابنديءَ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عينڪن، پين ۽ ٻين شين ۾ لڪايل ڪيمرائن توڙي ڳجهي رڪارڊنگ وارن اوزارن جي استعمال تي پابندي برقرار رهندي.پنجاب ۾ ڳجهي رڪارڊنگ جا اوزار وڪرو ڪندڙ دڪانن ۽ انهن جي آن لائين خريد ۽ وڪري تي به پابندي لاڳو هوندي.نوٽيفڪيشن موجب ليپ ٽاپ، ٽيبليٽس، موبائل فونن ۽ پي ٽي اي کان منظور ٿيل ٽرمينل ڊوائيسز کي پابنديءَ کان ڇوٽ ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو