ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهيد ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ رينجرز سنڌ برڪت علي جي جنازي نماز ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي.ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ رينجرز برڪت علي آزاد ڪشمير جي ضلعي راولاڪوٽ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد ٿيو هو.جنازي نماز ۾ سينيئر سول، فوجي ۽ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي ۽ شهيد جي بلند درجات لاءِ دعا گهري.جنازي نماز کانپوءِ شهيد جو مڙهه سندس اباڻي علائقي ڏانهن روانو ڪيو ويو.










