ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايئربس تصديق ڪئي آهي ته سندس الٽرا لانگ رينج جهاز اي 350-1000، پراجيڪٽ سن رائز تحت 24 ڪلاڪ ۽ 24 منٽن جي بنا وقفي اڏام ڪري گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.27 جولاءِ 2026ع تي آسٽريليا جي شهر ميلبورن کان فرانس جي شهر ٽولوز تائين ٿيل ان اڏام دوران جهاز 23 هزار 155 ڪلوميٽرن جو فاصلو بنا ڪنهن وقفي جي طئي ڪيو. ان سفر دوران جهاز پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪندي آسٽريليا، اتر آمريڪا ۽ يورپ تائين پهتو. اڏام دوران مسافرن ۽ عملي ٻن سج لهڻ ۽ ٻن سج اڀرڻ جا منظر پڻ ڏٺا. جهاز ۾ مجموعي طور 13 ڄڻا سوار هئا، جن ۾ ايئربس جا ٽيسٽ پائلٽ ۽ انجنيئر، ڪنٽاس جا ٻه پائلٽ، هڪ ڊزائن انجنيئر ۽ انٽرنيشنل ايرو ناٽيڪل فيڊريشن (ايف اي آءِ) جو هڪ نمائندو شامل هو. هي رڪارڊ رڳو ڊگهي فاصلي يا اڏام جي مدي تائين محدود ناهي، پر جديد جهازن جي انجنيئرنگ، ٻارڻ جي انتظام، آپريشنل رٿابندي ۽ انساني برداشت جي صلاحيتن جو پڻ ثبوت آهي.جهاز جي پهرين ڊليوري اپريل 2027ع ۾ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ساڳئي سال جي آخر ۾ ڪمرشل اڏامون شروع ڪرڻ جو منصوبو آهي.










