اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پاڪستان جي سرڪاري قرضن ۾ هڪ سال دوران 6.2 کرب رپين جو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي تفصيلن موجب پاڪستان جو مجموعي سرڪاري قرض جون 2025ع جي پڄاڻي تي 84.8 کرب رپيا هو، جيڪو وڌي جون 2026ع جي پڄاڻي تائين 90.98 کرب رپين تائين پهچي ويو. اهڙي ريت سرڪاري قرضن ۾ 6.2 کرب رپيا، يعني 6 هزار 200 ارب رپين جو نمايان اضافو ٿيو، جڏهن ته قرضن جو مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) سان تناسب گهٽجي 72 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان مالي سال 2027ع کان 2029ع تائين لاءِ تيار ڪيل قرضن جي پائيداري بابت جائزي موجب جون 2026ع جي پڄاڻي تائين حڪومت ۽ حڪومت جي ضمانت هيٺ مجموعي قرضن جو ڪاٿو وڌي 90.98 کرب رپيا ٿي ويو، جڏهن ته جون 2025ع جي پڄاڻي تي اهي قرض 84.8 کرب رپيا هئا.










