پرڏيهي عدالت جي ڊگري پاڪستان ۾ لاڳو نٿي ڪري سگهجي

پرڏيهي عدالت جي ڊگري پاڪستان ۾ لاڳو نٿي ڪري سگهجي

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ خانگي ڪمپني جي اپيل تي اهم فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو آهي ته پرڏيهي عدالت جي ڊگري پاڪستان ۾ سڌي ريت لاڳو نٿي ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ خانگي ڪمپني جي اپيل 2-1 جي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالت جا حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا. ڪيس ۾ گڏيل عرب امارتن جي وفاقي ۽ ابوظهبي جي مقامي عدالتن جي قانوني حيثيت ۽ پرڏيهي عدالتي فيصلن کي پاڪستان ۾ لاڳو ڪرڻ بابت قانوني نقطن جو جائزو ورتو ويو. اڪثريتي فيصلي ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي قرار ڏنو ته ابوظهبي جي مقامي اپيلٽ عدالت کي گڏيل عرب امارتن جي وفاقي اپيلٽ عدالت تصور نٿو ڪري سگهجي. مقامي عدالتن جا اختيار وفاقي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ مخصوص وفاقي قانون هجڻ ضروري آهي. عدالت قرار ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي لاڳاپيل ڊگري سول پروسيجر ڪوڊ جي قلم 44-A تحت پاڪستان ۾ لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل نه هو، تنهن ڪري ماتحت عدالت ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جا حڪم برقرار نٿا رکي سگهجن. ڪيس ۾ ٻن رڪني بئنچ جي ميمبرن وچ ۾ اختلاف ٿيڻ کانپوءِ معاملو ٽئين جج ڏانهن ريفري جج طور موڪليو ويو هو. جسٽس محمد شفيع صديقي ريفري جج جي حيثيت سان جسٽس منيب اختر جي راءِ سان اتفاق ڪيو، جنهن کانپوءِ اڪثريتي فيصلو سامهون آيو. ٻئي پاسي جسٽس عرفان سعادت خان اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪندي پنهنجي اختلافي راءِ ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو اپيلٽ عدالت جي فيصلي ۾ ضم ٿي چڪو هو، تنهن ڪري لاڳو ٿيڻ واري ڊگري کي اپيلٽ عدالت جي ڊگري تصور ڪرڻ گهرجي. جسٽس عرفان سعادت خان موجب گڏيل عرب امارتون پاڪستان لاءِ باهمي عدالتي فيصلن جي نفاذ وارو تسليم ٿيل علائقو آهن ۽ اپيلٽ عدالت جي ڊگري پاڪستان ۾ لاڳو ڪري سگهجي ٿي. سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي ۾ پرڏيهي عدالتي فيصلن کي پاڪستان ۾ لاڳو ڪرڻ، گڏيل عرب امارتن جي وفاقي ۽ مقامي عدالتن جي اختيارن ۽ سول پروسيجر ڪوڊ جي قلم 44-A جي تشريح بابت اهم قانوني اصول واضح ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو