اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ جوڙيل بينچن ۾ اوچتو ججن جي تبديلي سبب ٻنهي ججز ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪندي رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو. هلندڙ هفتي لاءِ جاري ڪيل روسٽر ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيَ ۽ جسٽس آفريدي ڌار ڌار بينچن جي سربراهي ڪري رهيا هئا پر اوچتو رات جو چيف سٽس عمر عطا بنديال جي حڪم تي جسٽس آفريدي کي جسٽس فائز عيسيَ جي بينچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ جسٽس فائز عيسيَ جي بينچ جي ميمبر جسٽس حسن اظهر رضوي کي هٽائي جسٽس مظاهر علي نقوي جي بينچ جو حصو بڻائي ڇڏيو. جسٽس نقوي جيڪو جسٽس آفريدي کان جونئر آهي ان کي بينچ جي سربراهي ڏئي ڇڏي.جسٽس فائز عيسي َ آرڊر ۾ لکيو ته ڪيسن جي ٻڌڻي جي معاملن ۾ عوام جو اعتماد هجڻ لاءِ شفافيت ضروري آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ مقرري جي طريقيڪار واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو.عدالت فوري طور تي رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي سموري رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان سپريم ڪورٽ جو جج آهيان، 5 سال بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهيس پر لڳي ٿو ته رجسٽرار جج کان وڌيڪ طاقتور آهي، مان 2010 جا ڪيس نه ٿو ٻڌي سگهان ڇو ته رجسٽرار ئي ڪيسن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ٿو، ڇا مان رجسٽرار کي فون ڪري چوان ته فلاڻي بينچ ۾ ڪيس داخل ڪريو،رجسٽرار سپريم ڪورٽ چيو ته ڪيس چيف جسٽس آف پاڪستان جي منظوري سان ئي ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن.جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سوال اهو آهي ته بينچ ۾ جسٽس حسن رضوي هو، بينچ ڇو تبديل ٿي؟ ڪيسن کي حل ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراڻي چيو آهي ته ماڻهو پڇڻو ڪري ٿڪجي پيا آهن پر اسان جا ڪيس نه پيا اڪلايا وڃن.










