اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عوام کي روڪڻ تي سڪيورٽي اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سيڪريٽريٽ ميٽرو اسٽيشن کان پيادل سپريم ڪورٽ پهتو.هن سيڪيورٽي اهلڪارن پاران عوام کي روڪڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي سيڪيورٽي اهلڪارن کي چيو ته هو ڪنهن به نه روڪيو وڃي سڀني کي وڃڻ ڏين.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فوٽ پاٿ تي هلندي سپريم ڪورٽ پهتو.










