پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ وارن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پوليس ذريعن موجب سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه ۾ ٽيررازم فنانسنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مالياتي ڏوهن تي ضابطو آڻڻ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هي سيل ڀتا خوري، دهشتگردن کي پئسن جي جاري سپلائي لائين ۽ افغان سمز مان ڪالز تي ڪم ڪندو.ذريعن موجب اجلاس ۾ سي ٽي ڊي جي ريجنل آفيس جو تعداد 7 مان وڌائي 14 ڪرڻ ۽ سي ٽي ڊي جي ريجن ۽ آفيسرن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










