مشهور لوڪ ڳائڻو واسو خان لاڏاڻو ڪري ويو

مشهور لوڪ ڳائڻو واسو خان لاڏاڻو ڪري ويو

سکر (ويب ڊيسڪ)شهزاد راءِ سان پرفارم ڪندڙ مشهور بلوچي لوڪ ڳائڻو واسو خان لاڏاڻو ڪري ويو.بلوچي گلوڪار واسو خان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي خانداني ذريعن ٻڌايو ته واسو خان سانس جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ گذريل رات سکر جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.ياد رهي ته واسو خان پاڪستان جي سياسي تاريخ کي پنهنجي منفرد انداز ۾ ڳائڻ ذريعي بيان ڪري شهرت حاصل ڪئي.ياد رهي ته گلوڪار شهزاد راءِ واسو خان کي 2011 ۾ يوٽيوب تي بلوچستان جي هڪ ڳوٺ مان مليو هو. جنهن کان پوءِ گلوڪار شهزاد راءِ پنهنجي منفرد انداز ۾ واسو سان گڏ مشهور گيت ’اپنا الو‘ پيش ڪيو.ان کان پوءِ ٻنهي ٽي وي شو ’واسو اور مان‘ پيش ڪيو، جنهن واسو خان کي مشهور ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو