ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عزاداري ۽ مجلس عزا جو سلسلو هلندڙ آهي. ماتمي روٽن، امام بارگارهن، شهر اندر ايندڙ ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آھن. نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري مطابق عشره محرم الحرام جي حوالي سان شهر جي مرڪزي امام بارگاهه باب حيدر ۾ ذاڪر اهلبيت سيد فضل عباس شاهه ڪاظمي، امام بارگاهه نجف سنڌ قدم گاهه مولا علي نوشهروفيروز ۾ مولانا مرتضيٰ حسين مرتضائي، امداد حسين عاصي، امام بارگاهه قصر ابوطالب ۾ علامه ثمر رضا غديري، امام بارگاهه لاشاري محلا ۾ علامه دلشاد علي مهدوي عشره محرم الحرام جي مجلسن کي خطاب ڪري رهيا آهن. جڏهن ته انجمن رضويه سادات، انجمن عزاداران امام حسين عه، انجمن دعاءِ پنجتن، انجمن فخر ابوطالب، انجمن فقيران ڪربلا نوحه خواني ۽ سينه زني برپا ڪنديون آهن.

جڏهن ته شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن تي شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ سبيلون لڳايون ويون آهن.*** صوڀوديرو مان منڱڻيجو مطابق صوڀوديرو سڳيون نواڙو ۽ ان جي آس پاس محرم الحرام جي سلسلي ۾ شھرن جي مختلف امام بارگاھن ۾ مجلسون عزاداريون ۽ نوحا خوانيون منقعد ڪيون ويون آھن ۽ شھرن جي روڊن رستن تي سبيلن جا انتظام ڪيا ويا سڳيون ۾ الحسيني امام بارگاھ ۾ ذاڪر اھلبيت قربان علي ڀٽ شاھي مجلس عشرا کي خطاب ڪيو. ڳوٺ ھيسباڻي ڀاڳت ۾ پنجتني امام بارگاھ ۾ ذاڪر اھلبيت سيد نسيم عباس شاھ، مولوي ارباب ھيسباڻي ۽ ٻين ذاڪرن مجلس عشرھ پڙھي رھيا آھن ذاڪر اھلبيت سيد نسيم عباس شاھ ۽ قربان علي ڀٽ شاھي خطاب ڪندي چيو ته رسول ڪائنات جي نواسي کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو پوءِ به امام حسين عليه السلام حق تي بيٺو رھيو ۽ اسلام جي سربلندي لاء پنھنجو سر مبارڪ ڪٽرائي ڇڏيو پر يزيد جي بعيت قبول نه ڪئي. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق مورو جي مرڪزي امام بارگاھ الحسيني ۾ مجلس عزا برپا ڪئي وئي جنهن کي علامه اسد رضا نعيمي خطاب ڪندي چيو ته امام حسين عليه السلام ۽ سندس اصحاب صبر ۽ تحمل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. امام عليه السلام هميشه پنهنجي اصحاب ۽ اقرباءَ کي صبر جي تلقين ڪندي نظر اچن ٿا. ڪربلا جي ميدان ۾ اسان کي هڪ ٻي شخصيت نظر اچي ٿي جنهن صبر جو اهڙو مظاهرو ڪيو جو تاريخ ۾ ان جي مثال نٿي ملي انهي سببان ان جو نالو ام المصائب پئجي ويو, حضرت زينب سلام الله اها هستي آهي جنهن پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي ڀاءُ ۽ پٽن کي شهيد ٿيندي ڏٺو. مجلس عزا بعد سيد شيرل شاهه، محمد هارون ڪلھوڙو، اڪبر ڀٽ ۽ ٻين نوحہ خواني ڪري ماتم ڪيو.*** شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ مطابق ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مختلف امام بارگاهن ۽ سادات جي حويلين ۾ ماتم عزاداري ۽ مجلس عزا جو سلسلو هلندڙ آهي، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آھن. حضرت امام حسين عليه السلام ۽ جانثار ساٿين جي ياد ۾ شهر جي 20 کان وڌيڪ ننڍين ، وڏين امام بارگاهن ۽ سادات جي حويلين ۾ مجلس عزا ۽ ماتم عزادري جو سلسلو هلندڙ آهي. شهر جي مرڪزي امام بارگاه دربار حسين ، سيد حسن علي شاه ۾ مولانا رياض حسين نجفي، امام بارگاه دربار مصطفيٰ سيد اڪبر شاه ۾ مولانا اسد علي شر ، امام بارگاه دربار فاطمه سلام الله ۾ مولانا عطا حسين بلاغي، امام بارگاه ڪاروان ڪربلا ۾ دانشور انجنيئر غلام رضا جعفري ، امام بارگاه زين العابدين ۾ زوار عارف علي جتوئي ۽ ٻيا علماءِ ذاڪرين خطاب ڪري رهيا آهن. *** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق قديم امام بارگاه جي جي آمون بي بي جي پڙ تي چيئرمين ٽائون ڪميٽي مٽياري سيد سڪندر علي شاھ پاران مجلس عزا منعقد ڪئي وئي مجلس ۾ مٽياري ۽ آسپاس جي مومنين ڪرام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري مولا حسين عليه اسلام جو مصائب ٻڌو. مجلس ۾ پاڪستان جي مشهور مرثيا خوان استاد بابر علي ( چڪوال پارٽي ) انجمن دعاءِ (سيده سڪندر شاھ پارٽي ) (انجمن دعاءِ سيده داد سنڌي پارٽي ) ناليواري نوحه خوان ايمان علي کان سواءِ حيدرآباد، هالا، لطيف شاھ ۽ مريد سوها جي انجمنن مولاءِ ڪائنات جنت جي سردار سيد امام حسين عليه اسلام ۽ سندن ساٿين جي اسلام جي سربلندي لاءِ ڪربلا جي تتل واري تي ٿيل شهادت کي نوحن جي صورت ۾ پيش ڪري شهنشاهه اسلام کي خراج تحسين پيش ڪيو.*** پکو مان عبدالوحيد ميئو مطابق اسلام جي سربلندي حق ۽ سچ جي بقا ۽ سالميت لاءِ نواساءِ رسول اڪرم حضرت محمد صه ڪربلا جھڙي بيگاني ديس ۾ بي جرم بي خطا شھيد ڪربلا مولا امام حسين عليه السلام سندس سموري آل ۽ ساٿين سميت 72 شھيدن جي ڏنل عظيم و شان قرباني کي لڙڪن ۽ سڏڪن سان ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي. ان حوالي سان ڳوٺ عالم مغيري ۾ امام بارگاھ دربتول تي زير نگراني زوار بھار علي، دولت علي، الطاف حسين مغيري جي اڳواڻي ۾ سالياني مجلس عزا منعقد ڪئي وئي. مجلس عزا کي مقررين سيد شفقت علي شاھ، ذاڪر اسد علي شر، ذاڪر مشتاق حسين مشھدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. *** ڪنڊيارو مان اسد جعفري مطابق محرم الحرام جو مهينو شروع ٿيندي ئي ڪنڊيارو توڙي ڀرپاسي ۾ يا حسين جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون شهر جي مختلف بازارن توڙي گهٽين ۾ ٿڌي سبيلن جا اسٽال لڳائي ڪربلا جي شهيدن جي اڃ واري ياد تازي ڪئي پئي وڃي گڏو گڏ ننگر نياز جو سلسلو پڻ جاري ٿي چڪو آهي مومنن پاران دڪانن، گهرن ۽ امام بارگاهن تي علم پاڪ چاڙهيا ويا آهي. شيعه تنظيم پاران مرڪزي امام بارگاه ۽ ٻين هنڌن تي مجلس نواخوني ڪئي پئي وڃي جڏهن ته محبت ديرو ناڪو، انصاري محله، بابن شاه چوڪ سميت مختلف هنڌن تي سبيلن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن.










