توانائي جي مسئلن جو سستو ۽ پائيدار حل سنڌ وٽ آهي: امتياز شيخ

توانائي جي مسئلن جو سستو ۽ پائيدار حل سنڌ وٽ آهي: امتياز شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ وٽ توانائي جي مسئلن جو مڪمل، سستو ۽ ڊگھو حل موجود آهي اسان انهن وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪري سگهون ٿا ان لا سڀ گڏ ٿيا آھيون هن اها ڳالهه ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي وڌيڪ اثرائتي نموني استعمال ڪرڻ جي حوالي سان ڪوٺايل مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا ۽ سنڌ صوبي جا قدرتي وسيلا توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهترين وسيلا آهن ۽ سخت معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ ايڪسپورٽ فيول تي خرچ ٿيندڙ پرڏيهي مٽاسٽا جي تمام گهڻي بچت آهي.امتياز شيخ چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان انهن وسيلن کي بهتر نموني استعمال ڪريون.هن وقت ٿر ڪول ذاڪر مان 2600 ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رهي آهي. ٿر ڪول رزرو توانائي جو سستو ذريعو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي مشاورتي اجلاس اهو ڏسڻ لاءِ رکيو ويو آهي ته ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن مان وڌيڪ ڇا ٿي سگهي ٿو ۽ سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ماهرن جي مشاورت سان ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جي وڌيڪ موثر استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.سنڌ ڪابينا کي هن مشاورتي اجلاس جي تجويزن کان آگاهه ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت ريلوي واري وفاقي وزارت جي تعاون سان ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي مين ريلوي لائين سان ڳنڍڻ جي منصوبي تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي جيئن ٿر مان ڪوئلو ملڪ جي ٻين انرجي پلانٽس تائين پهچايو وڃي ۽ ٿر جو ڪوئلو ايڪسپورٽ فيول جو متبادل بڻجي سگهي. هن چيو ته هو ان منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهن امتيازشيخ وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي ميمبرن جو تعاون ڪرڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته وزيراعظم پاڪستان وڏي دلچسپي ورتي ۽ ڀرپور تعاون ڪيو جيڪي به مسئلا آهن انهن کي دور ڪيو ويندو سنڌ جي توانائي واري وزير ميڊيا سان ڳهالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي پاليسين سنڌ حڪومت جي منصوبن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي هن وزيراعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي توانائي منصوبن جي راهه ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن.هن چيو ته بايو گيس بابت اسان وٽ جيڪو منصوبو آهي ان تي جلد عمل ڪيو ويندو مشاورتي اجلاس ۾ ڊاڪٽر قيصر بنگالي، سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر مدني، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿر ڪول انرجي بورڊ خادم حسين چنا، مالي معاملن جي ماهر ۽ ميمبر ٿر ڪول ٽيرف ڪميٽي عمار حبيب خان، مائننگ ماهر ۽ ميمبر ٿر ڪول ٽيرف ڪميٽي فهد عرفان صديقي شرڪت ڪئي. ۽ واپاري برادري جي اهم نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز پڻ پنهنجا ويچار ۽ تجويزون پيش ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو