ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪورنگي لڳ چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس مقابلي دوران 2 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس موجب ناصر جمپ وٽ پوليس موبائل معمول جي ڊيوٽي تي هئي ته اهلڪارن ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو. جنهن بعد جوابدار گهٽي ۾ فرار ٿي ويا ته پوليس سندن پيڇو ڪيو ۽ مقابلو ٿي پيو. جنهن ۾ 2 مبينه ڊاڪو مارجي ويا ۽ هڪ پوليس اهلڪار جيڪو ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جو چوڪي انچارج هو مقابلي ۾ زخمي ٿي پيو. کيس اسپتال نيو ويو پر هو فوت ٿي ويو.










