فوجداري ڪيس،خان کي 28 فيبروري تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم

فوجداري ڪيس،خان کي 28 فيبروري تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي دوران عمران خان کي 28 فيبروري تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عمران خان اڄ به پيش نه ٿيڻ تي عدالت چارج شيٽ جي ڪارروائي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.توشه خانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جي ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي اعتراض واريندي چيو ته عمران خان ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي پيرن تي بيٺو.ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال رمارڪس ڏنا ته وزيراعظم عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وڃي، سندس ايم ايل سي ڏيکاريو ته زخم جي نوعيت ڏسي.جج رمارڪس ڏنا ته اڄ به عمران خان کي عدالت ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي، کيس هر تاريخ تي حاضري کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي.عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان چيو ته اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي ٿورو مشڪل آهي، عمران خان ڊاڪٽرن جي هدايت ۽ سڪيورٽي سبب نه آيو.گوهر علي خان چيو ته ڊاڪٽرن عمران خان کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، هي ڪيس مڪمل طور تي فضول آهي، عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ ٻين عدالتن ۾ به ڪيس آهن.ان دوران جج عمران خان جي وڪيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته اسان هميشه توهان تي يقين رکون ٿا.عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جو 28 فيبروري تي ايڪسري ڪرايو ويندو، جنهن تي جج حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان جو 28 فيبروري تي ايڪسري به ڪرايو ويندو.جج رمارڪس ڏنا ته 28 فيبروري جي تاريخ ڏئي عمران خان جي حاضري يقيني بڻائي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو