شيخوپوره (ويب ڊيسڪ)شيخوپوره ٿاڻي جي حد فيروز والا جي علائقي مان 8 ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته 8 ورهين جي ٻارڙي کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش کي باهه ڏني وئي.پوليس موجب ٻارڙي کي 18 فيبروري تي لاهور جي علائقي شاهده ڪالان مان اغوا ڪيو ويو هو. ٻارڙي جي پيءُ جي فرياد تي اسلام پوره ٿاڻي ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو.










