سي پي او حملي شهيد ٿي ويلن جي جوانن جي جنازي نماز ادا،مڙهه اباڻن گهرن روانا

سي پي او حملي شهيد ٿي ويلن جي جوانن جي جنازي نماز ادا،مڙهه اباڻن گهرن روانا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد پوليس اهلڪارن غلام عباس لغاري ۽ محمد سعيد جي جنازي نماز ادا ڪئي ۽ ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) ۾ شهيد ٿيل اجمل مسيح (خاکروب) جي تدفين ۾ پڻ شرڪت ڪئي، جن حملو ڪندڙ دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻي. جنازي نماز ۽ تدفين ڇنڇر ڏهاڙي سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گهرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو ۽ ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، رينجرز آفيسرن، شهيدن جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۽ تدفين سرڪاري پروٽوڪول سان ادا ڪئي وئي ۽ شهيدن جي جنازن کي قومي جهنڊو پهرايو ويو. وڏي وزير، ڪور ڪمانڊر، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس جنازي جا ڪانڌي ٿيا. سنڌ جي وڏي وزير شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ کين تسلي ڏني. هن چيو ته سندن خاندانن جو مناسب خيال رکيو ويندو، جيڪا کين خدمت دوران فراهم ڪئي وڃي ها، وڏي وزير شهيدن غلام عباس، محمد سعيد ۽ اجمل مسيح جي مڙهن کي لاڙڪاڻي، ڪورنگي ۽ فيصل آباد ۾ دفنائڻ لاءِ روانا ڪيا، مراد علي شاهه چيو ته پوليس، رينجرز ۽ پاڪ آرمي جي بهادرن ڪي پي او تي حملي ڪندڙن کي جهنم ۾ پهچايو. هن چيو ته شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي او جي سويپر اجمل مسيح پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ثابت ڪيو آهي ته دشمن سان وڙهڻ لاءِ ڪنهن به عهدي يا ذميواري جي ضرورت نه آهي، پر هر شهري ۽ اهلڪار کي پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ رياست جي دشمنن سان وڙهڻو پوندو. ان کان پهرين وڏي وزير ڪي پي او ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيندڙ رينجرز جي سب انسپيڪٽر تيمور جي جنازي نماز ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جنازي نماز رينجر هيڊ ڪوارٽر ۾ صبح 5.30 وڳي ادا ڪئي وئي. رات دير سان سنڌ جي وڏي وزير جناح اسپتال جو دورو ڪيو، جتي ڪي پي او آپريشن جي زخمي پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. هن زخمي اهلڪارن مان هر هڪ سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي بهادري کي ساراهيو ۽ انهن کي هيرو قرار ڏنو. ان موقعي تي سندس صلاحڪار مرتضيٰ وهاب به ساڻس گڏ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو